اسرائيل سان معاهدي خلاف احتجاج تي گوگل 28 ملازمن کي ڪڍي ڇڏيو

گوگل پاران اسرائيلي حڪومت سان معاهدي تي احتجاج ڪرڻ تي ٻن درجن کان وڌيڪ ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍي ڇڏيو آهي.

واضح رهي ته گوگل ۽ ايمازون اسرائيل سان مصنوعي ذهانت ۽ نگراني بابت هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالرز جي هڪ پراجيڪٽ جو معاهدو ڪيو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪا جي مختلف شهرن ۾ گوگل جي آفيسن ۾ ملازمن احتجاجي مظاهرا ڪندي اسرائيلي معاهدي کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. گوگل نيويارڪ ۾ احتجاج ڪندڙ 28 ملازمن کي ڪڍي ڇڏيو آهي. گوگل جي ترجمان موجب هي مظاهرا اهڙو گروپ ڪري رهيو هو جيڪي ڪم نه ڪندا هئا.

ڳالهه جاري رکندي هن چيو ته انهن ملازمن آفيسن ۾ گهڙندي ڪم ۾ مداخلت ڪئي ۽ قانون جي ڀڄڪڙي ڪئي، جنهن رويي کي ڪمپني برداشت نه ڪندي. انهن کي ٻاهر نڪرڻ جا ايلاز ڪيا ويا جيڪا ڳالهه انهن نه ٻڌي ته پوليس گهرائڻي پئي.

ترجمان موجب جاچ بعد 28 ملازمن کي ڪڍيو ويو آهي ۽ جاچ اڃا جاري آهي جنهن جي نتيجي تي وڌيڪ قدم کڻبا.

واضح رهي ته گوگل ۽ ايمازون اسرائيلي حڪومت ۽ فوج سان ڪمپيوٽنگ سروسز جي فراهمي جو معاهدو ڪيو هو جنهن کي پراجيڪٽ نيمبس جو نالو ڏنو ويو.

گوگل ملازمن موجب ڪمپني اسرائيل جي مدد ڪري فلسطينين جي نسل ڪشي ۾ حصو وٺي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.