گوگل ميپ تي واههپيدارن جي سهولت لاءِ نئون فيچر اچي ويو

گوگل ميپس ۾ نئون ٿري ڊي فيچر اچي پيپ آهي جيڪو جنوري 2024 ۾ متعارف ڪرايو ويو هو پر هاڻي اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ مڪمل طور تي پيش ڪيو پيو وڃي.

رپورٽس موجب جيئن ڪي ماڻهو ڊرائيونگ دوران رستن کي سمجهڻ لاءِ اڪثر گوگل ميپس جو استعمال ڪندا آهن ته ٿري ڊي بلڊنگز جو فيچر صرور ڪم ايندو.

گوگل ميپس ايپ ۾ ٿري ڊي بلڊنگز جو آپشن ليرز ۾ ڪافي عرصي کان دستياب آهي پر نيوي گيشن موڊ ۾ ان کي استعمال ڪرڻ ممڪن ناهي هوندو. هاڻي ڪمپني پاران نيوي گيشن موڊ ۾ ان فيچر کي استعمال ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي.

اهو فيچر شهرن ۾ سفر دوران گهڻو ڪم ايندو ۽ اهو ڄاڻڻ سولو هوندو ته ڪهڙي رستي تي وڃڻ لاءِ ڪهڙي جڳهه تي ٽرن ڪرڻو آهي.

اهو فيچر ڊيفالٽ ان ايبل نه ٿيندو پر ان کي ٽرن آن ڪرڻو پوندو. فيچر کي ان ايبل ڪرڻ لاءِ گوگل ميپس ۾ سيٽنگز ۾ وڃي اتي هيٺ نيوي گيشن سيٽنگز جي چونڊ ڪرڻي آهي. اسڪرول ڪرڻ تي شو ٿري ڊي بلڊنگز جو آپشن نظر ايندو جنهن کي ٽرن آن ڪرڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.