پي ٽي آءِ وارن سان ملڪ دشمن جهڙو ورتاءُ ٿيڻ گهرجي: خواجا آصف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) بچاءُ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف وارا پروپئگنڊا ڪري ٻين ملڪن سان لاڳاپن کي خراب ڪرڻ چاهين ٿا.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته اسان لاءِ ڪجهه ملڪن سان لاڳاپن جي مذهبي ۽ معاشي لحاظ کان وڏي اهميت آهي.
پي ٽي آءِ اڳواڻن طرفان سعودي عرب بابت بيان تي خواجا آصف جو چوڻ هوته ڪِريل سياسي مقصدن ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ لاءِ اهڙا بيان ڏنا ويندا آهن ته جيئن ڪو به سيڙپڪاري لاءِ نه اچي.
هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ وارا جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهن انهن سان ملڪ دشمن جهڙو سلوڪ ٿيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.