الخدمت فائونڊيشن تحت پاڪستان ۾ تعليم پرائيندڙ فلسطيني شاگردن جي مان ۾ مانجهاندو

لاهور (پ ر) الخدمت فائونڊيشن پاڪستان فلسطيني مظلوم عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پاڪستان ۾ تعليم پرائيندڙ فلسطيني شاگردن جي اعزاز ۾ مانجهاندي جو اهتمام ڪيو، مرڪزي سيڪريٽري جنرل سيد وقاص جعفري پاڪستان ۾ تعليم پرائيندڙ فلسطيني شاگردن جي آجيان ڪئي ۽ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته الخدمت فائونڊيشن گذريل 190 ڏينهن کان غزا ۾ امدادي سامان جي فراهمي جاري رکيو پئي اچي. الخدمت، پاڪستان ۽ مصر ۾ تعليم پرائيندڙ غزا جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي سار سنڀال ۽ کين مالي امداد جي فراهمي جاري رکيو پئي اچي، الخدمت فائونڊيشن غزا رليف جي ٻين سرگرمين سان گڏ انهن شاگردن لاءِ به بجيٽ جي منظوري ڏني آهي، پاڪستان ۾ موجود شاگردن کي اسڪالرشپ ۽ مالي امداد فراهم ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مصر جي مختلف علائقن ۾ رهندڙ غزا جي فلسطيني شاگردن لاءِ اسڪالرشپ ۽ مالي امداد جي فراهمي جو عمل جلد مڪمل ڪيو ويندو. فلسطيني شاگردن الخدمت ۽ پاڪستاني عوام جي غزا ۾ مسلسل سهڪار ۽ امدادي سرگرمين تي ٿورا مڃيا. الخدمت جي نائب صدر سيد احسان الله وقاص، ايم ڊي الخدمت گلوبل شاهد اقبال ۽ سماجي ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽي جي ميمبرن جي وڏي انگ تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.