گهرو وزير کي ڌاڙيلن وٽ جنگي هٿيار هجڻ تي حيراني

ڪنڌڪوٽ (ويب ڊيسڪ) گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار اڄ ڪنڌڪوٽ پهتو هو جتي ايس ايس پي آفيس ۾ هن ميڊيا سان ڳالهايو. کيس ڌاڙيلن وٽ جنگي هٿيار هجڻ تي حيراني ظاهر ڪندي ڏٺو ويو.

گهرو وزير جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائمز خلاف نئين سر آپريشن ڪيو ويندو جڏهن ته ڪچي ۾ قبيلائي جهيڙا ختم ڪرائي ٺاهه ڪرايا ويندا.

هن ڌاڙيلن کي چتاءُ ڏنو ته اهي هٿيار ڦٽا ڪن، ڇو ته ڪشمور، شڪارپور ۽ گهوٽڪي ۾ آپريشن ڪيو ويندو.

سندس چوڻ هو ته ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار آهن، خبر ناهي اهي جنگي هٿيار وٽن ڪيئن اچن ٿا.

پريا ڪماري جي بازيابي ۽ شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري بابت هن چيو ته ان ۾ ڪجهه وقت لڳندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.