ڪراچي ۾ نجي ڪمپني نوڪرين بهاني شهرين جا ڪروڙين رپيا کائي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ ٻاهرئين ملڪن ۾ نوڪرين لاءِ لالچ ڏئي نجي ڪمپني شهرين جا ڪروڙين رپيا ڳڙڪائي وئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته نجي ڪمپني جي خلاف ڪيترن ئي شهرين پاران شڪايتون داخل ڪرايون ويون، جنهن بعد جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
متاثرن شڪايت ڪندي چيو آهي ته ڊفينس فيز 8 ۾ نجي ڪمپني سعودي عرب، دبئي ۽ ٻين ملڪن ۾ نوڪرين جي لالچ ڏئي رقم ورتي، جڏهن هو ڪمپني جي آفيس پهتا ته آفيس کي تالا لڳل هئا.
نجي ڪمپني هٿان مبينا طور فراڊ جو شڪار ٿيل شهرين جو انگ 80 آهي، جن 2 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم جمع ڪرائي هئي، متاثرن جو چوڻ آهي ته پئسن کانسواءِ انهن جا پاسپورٽ ۽ قيمتي ڪاغذ به نجي ڪمپني وٽ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.