پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تبديلي کان اڳ ئي فراهمي بند ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل ٽينڪرز اونر ايسوسيئيشن سڀاڻي کان پيٽرول ۽ ڊيزل جي سپلاءِ بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ايسوسيئيشن موجب انتظاميا طرفان ماپ ۾ گهٽتائي خلاف سڀاڻي کان سپلاءِ بند رهندي، پيٽروليم شين جي پهچ گلگت بلتستان، راولپنڊي، اسلام آباد ۽ آزاد ڪشمير ۾ معطل رهندي، جڏهن ته ملڪ جي سڀني هوائن اڏن کي به پيٽروليم شين جي فراهمي معطل رکي ويندي.
ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته مطالبن جي منظوري تائين فراهمي معطل رکي ويندي، پي ايس او اختيارين ۽ ڊي سي اسلام آباد کي نوٽيس موڪليو پر ڪو جواب نه مليو.
هنن چيو ته ميٽرائزڊ سسٽم تحت ڀرائي جي مطالبي کي پورو ڪيو وڃي، ضلعي انتظاميا ۽ اختيارين 20 فيبروري جي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، هاڻ مطالبن جي مڃتا تائين علامتي احتجاج تحت سپلاءِ معطل رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.