درفشان ٽيلنٽ کان وڌيڪ قسمت سبب ڪامياب ٿي آهي: نازش جهانگير

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مشهور پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل نازش جهانگير جو چوڻ آهي ته درفشان سليم ٽيلنٽ کان وڌيڪ قسمت سبب مشهور ٿي وئي آهي، هوءَ جنهن به ڊرامي ۾ اچي ٿي اهو ڊرامو ڪامياب ٿي وڃي ٿو.

نازش جهانگير جي هڪ ننڍي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هوءَ درفشان سليم سميت ٻين مختلف اداڪارن ۽ اداڪارائن بابت ڳالهائي رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آغا علي ۽ خوشحال خان کي بالي ووڊ ۾ هجڻ گهرجي.

اداڪارا ٻڌايو ته جيئن کيس موقعو ملي ته عائزه کان سندس گهر وٺندي جڏهن ته سارا خان کان هوءَ مڙس پاران تحفي ۾ مليل گاڏيون وٺندي. ماهرا خان سندس شخصيت وٺندي جڏهن ته اقرا عزيز بابت چيو ته هوءَ سٺي زال آهي. اداڪارا ميرا بابت چيو ته هن کان ڪجهه به نه وٺندي پر ميرا جيڪو گهرندي هوءَ ڏئي ڇڏيندي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by ShowbizShowsha (@showbizshowsha)

هڪ سوال جي جواب ۾ اداڪارا نازش چيو ته اداڪارا درفشان سليم ٽيلنٽ کان وڌيڪ قسمت سبب ڪامياب ٿي رهي آهي. درفشان جنهن به ڊرامي ۾ اچي ٿي اهو هٽ ٿو ٿئي. ان سان گڏ هن درفشان جي ڪاميابي تي ماشالله به چيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.