شرط تي ڊيزل پيئندڙ نوجوان حياتي وڃائي ويٺو

عارف والا (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي تعلقي عارف والا ۾ شرط لڳائي ڊيزل پيئندڙ نوجوان لاڏاڻو ڪري ويو.
عارف والا جي ڳوٺ ۾ شرط تي هڪ ليٽر ڊيزل پيئندڙ نوجوان زندگي جي جنگ هارائي ويو.
گهر ڀاتين موجب ڳوٺ 75 اي بي ۾ مرتضيٰ 50 هزار رپين لاءِ دوستن سان ڊيزل پيئڻ جو شرط لڳايو هو، ڊيزل پيئڻ سان سندس حالت خراب ٿي وئي، ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ کيس اسپتال نيو ويو، جتي هو لاڏاڻو ڪري ويو.
پوليس ٻڌايو ته نوجوان جي وارثن قانوني ڪارروائي لاءِ رابطو ناهي ڪيو، انهن رابطو ڪيو ته ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.