ماضي جي ڳالهه ڪئي ته ايم ڪيو ايم جون ننڊون حرام ٿي وينديون: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ماضي جي ڳالهه ڪئي ته ايم ڪيو ايم جون ننڊون حرام ٿي وينديون.
پنهنجي بيان ۾ مرتضيٰ وهاب چيو ته ايم ڪيو ايم سدائين نفرت جي سياست ڪئي آهي، اهي سياسي اڪيلائي جو شڪار آهن، ماضي جي ڳالهه ڪئي ته انهن جون ننڊون حرام ٿي وينديون.
هن چيو ته ڪراچي وارن ٻوري بند لاش، ڀتي خوري ۽ ظلم جا ڏينهن ناهن وساريا، پ پ عوام سان مخلص ۽ مسئلن جي حل لاءِ سنجيده آهي، سنڌ حڪومت ڏوهن جي روڪٿام لاءِ قدم کڻي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪشمور کان ڪراچي تائين ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي، پوليس ۽ رينجرز ڪارروائين ۾ مصروف آهن، شهر ۾ نفرت جي سياست ڪندڙ رڳو پنهنجي سياست چڪمائي رهيا آهن، پٽڪو ڪندڙ عوام سان سچا ناهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.