پريانڪا چوپڙا جون اصل حالت واريون تصويرون وائرل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هالي ووڊ ۽ بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا بنا ميڪ اپ جي وڊيو شيئر ڪري سوشل ميڊيا واهپيدارن کي حيران ڪري ڇڏيو.

اداڪاره پريانڪا چوپڙا هن وقت فرانس ۾ پنهنجي ايندڙ هالي ووڊ فلم ”هيڊز آف اسٽيٽ“ جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي پر مصروف شيڊول دوران هن پنهنجي مداحن لاءِ ڪجهه وقت ڪڍي هڪ وڊيو ذريعي پوسٽ ڪيون.

41 سالن جي اداڪارا پنهنجي انسٽاگرام فيڊ تي هڪ وڊيو پوسٽ ڪئي ۽ مداحن کي گليمرس جاين جي هڪ جھلڪ ڏيکاري جتي هو فلم جي شوٽنگ ڪري رهي آهي.

وڊيو شيئر ڪندي پريانڪا چوپڙا پنهنجي ڪيپشن ۾ نئين فلم ’هيڊز آف اسٽيٽ‘ جي ڊائريڪٽر اليا نيشولر کي ٽيگ ڪيو ۽ ان ڳالهه جو به اعتراف ڪيو ته هو مون جيان ڪم ڪرڻ جي رستي تي لائيو وڊيو رڪارڊ ڪري رهيو آهي.

مداح جنهن ڳالهه تي حيران ٿيا اهو اداڪارا جو بنا ميڪ اپ وارو چهرو هو جنهن تي سڀني اداڪارا جي ساراهه ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.