شرڌا ڪپور جي هم شڪل آءِ پي ايل پهچي وئي، ماڻهن گهيري ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) 12 اپريل تي آءِ پي ايل ميچ دوران شرڌا ڪپور جي هم شڪل مداحن کي وائڙو ڪري ڇڏيو.

ممبئي انڊينز ۽ رائل چئلينجرز بنگلور وچ ۾ آءِ پي ايل ميچ دوران شوقينن کي شرڌا ڪپور جهڙي ڇوڪري نظر آئي ته سڀ وائڙا ٿي ويا.

ان موقعي تي کيس ڏسڻ لاءِ ماڻهن گهيرو ڪري ورتو هو.

سوشل ميڊيا تي هر پاسي شرڌا ڪپور جون تصويرون وائرل ٿي ويون آهن.

وائرل تصويرن ۾ پراسرار ناري کي ڪرڪيٽ ميچ جو مزو وٺندي ڏيکاريو ويو آهي.

ماڻهن شرڌا ڪپور جون تصويرون شرڌا جي ڀيڻ کي ٽيگ ڪري ڇڏيون ۽ چيو ته اها شرڌا جي ڀيڻ هوندي.

شرڌا ڪپور به اهڙي خبر پنهنجي انسٽاگرام تي شيئر ڪري ڇڏي ۽ لکيو ته اڙي، هي ته مان آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.