سنڌ کي ٽيڪنالاجي جو حب بڻائي دنيا ۾ مثال قائم ڪنداسين : ڪامران ٽيسوري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته سنڌ کي انفاميشن ٽيڪنالاجي جو حب بڻائي دنيا ۾ مثال قائم ڪنداسين.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪامران ٽيسوري جو چوڻ هو ته حيدرآباد جا شهري انفارميشن ٽيڪنالاجي جا مفت ڪورس ڪري آرٽيفيشل انٽيليجنس ۾ انجنيئر بڻجي 15 کان 20 لک رپيا مهينو ڪمائي سگهن ٿا.
گورنر چيو ته ڪراچي کانپوءِ حيدرآباد ۾ به آئي ٽي جا ڪورس ڪرايا پيا وڃن، ان لاءِ داخلائون شروع ڪيون آهن، هر اميدوار کي ڪورس ڪرائي سرٽيفيڪيٽ جاري ڪيا ويندا.
هن ٻڌايو ته هي دور آرٽيفيشل انٽيليجنس جو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد کانپوءِ سکر ۾ به آئي ٽي جي ڪورسن جو سلسلو شروع ڪيو وڃي جيئن قوم انهي فيلڊ ۾ پوئتي نه رهي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.