پاڪستان آئي ايم ايف کان نئين قرض پروگرام جي معاهدي لاءِ درخواست تيار ڪري ورتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان عالمي مالياتي فنڊ (آئي ايم ايف) کان نئين قرض جي معاهدي لاءِ درخواست تيار ڪري ورتي آهي.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب آئي ايم ايف جي ايم ڊي سان ملاقات ۾ ناڻي وارو وزير نئين قرض پروگرام لاءِ 2 درخواستون ڪندو.
ذريعن ٻڌايو آهي ته موسمياتي تبديلي سان منهن ڏيڻ لاءِ رکيل بجيٽ تي آئي ايم ايف جي اختيارين لاءِ بريفنگ تيار ڪئي وئي آهي، اسٽيٽ بينڪ جو گورنر ۽ ناڻي واري وزارت جو سيڪريٽري آئي ايم ايف جي وفد سان ملاقات ڪري معيشت بابت آگاهه ڪندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آئي ايم ايف جي ايم ڊي سان هاڪاري ڳالهه ٻولهه جي نتيجي ۾ آءِ ايم ايف مشن ايندڙ مهيني پاڪستان پهچندو ۽ نئين قرض پروگرام ۽ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي تياري لاءِ معاشي ٽيم سان گڏ ڪم ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.