ڪانز فلم فيسٽيول ۾ پهرين سعودي فلم جي نمائش جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪانز فلم فيسٽيول سعودي فلم نورا کي 77هين ايڊيشن ۾ نمائش لا3 پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ڪانز فلم فيسٽيول 14 کان 24 تائين جاري رهندو.

سعودي هدايتڪار توفيق الزيدي جي فلم جي پهريون ڀيرو نمائش گذريل سال ريڊ سي انٽرنيشنل فلم فيسٽيول جي ٽئين ايڊيشن ۾ ڪئي وئي هئي جنهن کي العلا ايوارڊ لاءِ بهترين فلم قرار ڏنو ويو هو.

ڪانز فلم فيسٽيول جي ڊائريڪٽر فريماڪس ان کي تاريخي وقت قرار ڏيندي چيو ته آهي فلم نورا جي نمائش اسان لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.