سنڌي گيت سان ”ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 15“ شروع

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) موسيقي کي پسند ڪندڙن جو انتظار ختم ٿي ويو ۽ ڪوڪ اسٽوڊيو هڪ سال جي وقفي کانپوءِ پندرهين سيزن جو پهريون گانو ريليز ڪري ڇڏيو آهي.

ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 15 سنڌي گاني ”آئي آئي“ سان شروعات ڪئي جنهن کي نئين ڳائڻي نعمان علي راڄپر ماروي ۽ سائبان سان گڏ ڳايو.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by ShowbizShowsha (@showbizshowsha)

سنڌي گاني جي شاعري نعمان علي راڄپر ۽ بابر منگي لکي آهي جڏهن ته موسيقي چئن ڄڻن تيار ڪئي آهي. سنڌي گاني جي تياريءَ ۾ ڪوڪ اسٽوڊيو سان گلوڪار سيف سميجو سميت ٻين مدد ڪئي. گاني کي فوڪ سنڌي موسيقي سبب ساراهيو ويو جڏهن ته گھڻي توجه حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. ”آئي آئي“ کي هڪ ڏينهن ۾ 10 لک ڀيرا ڏٺو ويو آهي ۽ واهپيدار سوشل ميڊيا تر شيئر ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.