ڪجهه سياستدان ذاتي انا لاءِ ملڪ سان کيڏڻ چاهيندا آهن: بلاول ڀٽو زرداري

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪجهه سياستدان ذاتي انا لاءِ ملڪ سان کيڏڻ ۽ نقصان پهچائڻ چاهين ٿا.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي علائقي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ پنهنجي ناني، اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار ڀٽو جي ورسي جي سلسلي ۾ ڪوٺايل جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ ڳڙهي خدا بخش ۾ ڀٽو شهيد جي ورسي ملهائي رهيا آهيون.

هن چيو ته شهيد ڀٽو ملڪ کي آئين ڏنو، هن هارين ۽ عوام کي سندن حق ڏنا، شهيد ڀٽو ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو، شهيد ڀٽو اڄ به جيئرو آهي.

سندس چوڻ هو ته اڄ ٻن صوبن ۾ اسان جا جيالا وڏا وزير آهن، سينيٽ چيئرمين به پيپلزپارٽي جو آهي، اڄ آصف علي زرداري ٻيون ڀيرو صدر چونڊجي ويو آهي.

پ پ چيئرمين چيو ته ڀٽو اٽي لٽي ۽ اجهي جو نعرو ڏنو، سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو ته ڀوٽ کي انصاف نه مليو هو، ڀٽو ڪيس ۾ سوڀ هر جمهوريت پسند جي سوڀ آهي.

هن چيو ته ڀٽو وزيراعظم بڻيو ته سندس خلاف سازش شروع ٿي وئي هئي، ڪجهه سياستدان ذاتي انا لاءِ ملڪ کي نقصان پهچائڻ چاهيندا آهن، ڪجهه سياستدان ملڪ سان کيڏڻ چاهيندا آهن، گار گند جي سياست سان ملڪ، جمهوريت ۽ معيشت کي به نقصان ٿيندو، سڀ سياسي پارٽيون سياست جي دائري ۾ رهندي سياست ڪن.

بلاول ڀٽو چيو ته ڌرڻو ڌرڻو کيڏڻ بدران ميز تي اچو ۽ ڳالهيون ڪريو، اسان کي گهرجي ته پاڪستان جي عوام کي تڪليف نه پهچايون، پيپلزپارٽي جي تجويز آهي ته سڀ پارٽيون چارٽر آف ري ڪنسيليئشن تي ڪم ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.