نوري آباد ويجهو بس ۽ ڪوسٽر ڪلٽي، 4 ڄڻا فوت، 20 کان وڌيڪ زخمي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نوري آباد ويجهو برسات سبب مسافر بس ۽ ڪوسٽر ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

موٽر وي تي برسات سبب مسافر بس ۽ ڪوسٽر ڪلٽي ٿي پيا.

حادثي جي نتيجي ۾ لاڙڪاڻي واسي غلام شبير چانڊيو، شهدادڪوٽ واسي علي جان مگسي، هڪ عورت ۽ هڪ ٻارڙو فوت ٿي ويا.

حادثي جي نتيجي ۾ خدابخش، منور علي، غلام شبير، محمد يعقوب، فرزانه سميت 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

حادثي بعد فوتين جا لاش ۽ زخمين کي نوري آباد، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.