اسان جي حالتن جو سبب اسلام آباد ۾ ويٺل بابوئن جي گهٽ عقلي آهي: آصف زرداري

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اسان جي اڄوڪين حالتن جو سبب اسلام آباد ۾ ويٺل بابوئن جي گهٽ عقلي آهي، ضروري ناهي ته پاڪستان غريب ملڪ رهي، پاڪستان کي اسلام آباد ۾ ويٺل بابوئن جي سوچ غريب ڪري رکيو آهي.

ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني، اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي سلسلي ۾ ڪوٺايل جلسي کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته اڄ تاريخ ۾ بينظير ڀٽو ڳالهائي رهي آهي، محترمه مون کي پارٽي چيئرمين بڻايو ته دوستن کي شڪ هو ته مان اها ذميواري ادا نه ڪري سگهندس، محترمه کي يقين هو ته مان پنهنجي پارٽي چيئرمين جي ذميواري پوري ادا ڪندس.

آصف علي زرداري چيو ته پيپلزپارٽي 40 سالن کان عوام لاءِ وڙهي رهي آهي، عوام ۽ ڪارڪنن جي طاقت سان جيل ڪاٽيا، ڪو به قدم کڻڻ کان اڳ اسان کي سوچڻو سمجهڻو پوندو آهي، هر ڪم کان اڳ سوچيندو آهيان ته ان سان ملڪ، عوام کي نقصان نه ٿئي، اسان کي سوچي سمجهي اڳتي وڌڻو پوندو ته جيئن ملڪ کي نقصان نه ٿئي.

هن چيو ته پهريون ڀيرو به ڪارڪنن جي طاقت سان صدر بڻيو هيس، هاڻي به اوهان جي طاقت سان صدر بڻيو آهيان، بي بي شهيد جيڪو فرض ڇڏي وئي هئي اهو ادا ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.