ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي اڳوڻي نمائندي مليحه لوڌي چيو آهي ته پهريون ڀيرو ايران ۽ اسرائيل سڌي ريت ٽڪرايا آهن، جنگ جيڪڏهن خطي ۾ وڌي ته پاڪستان تي به ان جا اثر پوندا، جنگ وڌڻ اسرائيل کانسواءِ ڪنهن جي مفاد ۾ ناهي.
نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي مليحه لوڌي چيو ته ايراني سفارتخاني تي اسرائيلي حملو عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي هئي جنهن کانپوءِ ايران تي اندريون ۽ ٻاهريون دٻاءُ وڌيو هو.
هن چيو ته ايران رڳو فوجي ٿاڪن تي حملا ڪيا، شهري جاين تي ناهن ڪيا، ايران جو مقصد رڳو اسرائيل کي خبردار ڪرڻ هو، اسرائيل چاهيندو ته آمريڪا جنگ ۾ ملوث ٿي ويندو ۽ آمريڪا سان گڏجي ايران تي حملو ڪيو ويندو پر آمريڪا ائين نه چاهيندو.
آمريڪي عوام جي راءِ اسرائيل خلاف ٿي وئي آهي، آمريڪي عوام به چاهي ٿو ته غزا جنگ ختم ٿيڻ گهرجي.