غزا مان اسرائيل جا ويڙهاڪ جهاز واپس روانا

يروشلم (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي عملدارن جو چوڻ آهي ته ايران اسرائيل تي 185 ڊرون، 110 ميزائل ۽ 36 ڪروز ميزائل ڪيرايا.

اسرائيلي عملدارن موجب گهڻو ڪري ڊرون ۽ ميزائل حملا ايران مان ٿيا جڏهن ته ڪجهه عراق، يمن ۽ شام مان فائر ڪيا ويا.

ٻئي پاسي ايران جي حملي کانپوءِ اسرائيلي ويڙهاڪ جهاز غزا مان واپس اسرائيل روانا ٿي ويا آهن.

غزا جنگ کانپوءِ اهو پهريون موقعو آهي جو اسرائيلي جهاز غزا ۾ موجود نه آهن.

دمشق ۾ ايران جي سفارتخاني تي ميزائل حملي جي جواب ۾ ايران اسرائيل تي سڌي ريت ڊرون حملا ڪيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.