ايران اسرائيل تي سڌو حملو ڪري ڇڏيو، ڊرون ۽ ڪروز ميزائل فائر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دمشق ۾ ايراني قونصل خاني تي اسرائيلي حملي جي جواب ۾ ايران، اسرائيل تي 200 ڊرون ۽ ڪروز ميزائل فار ڪري ڇڏيا.

ايراني خابرو اداري موجب ايران اسرائيل تي سڌي ريت ڊرون حملا ڪيا، حملي ۾ اسرائيلي دفاعي اڏاوتن ۽ فوجي ٿاڪن کي نشانو بڻايو ويو.

ايران اسرائيل ۾ 50 سيڪڙو هدفن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو.

اسرائيل تي حملي ۾ ايران جا اتحادي يمن، لبنان ۽ عراق به شامل آهن، اسرائيل تي مختلف پاسن کان حملو ڪيو ويو.

ٻئي پاسي اسرائيلي فوج جي ترجمان ڊينيئل هگري حملن جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ايران پنهنجي سرزمين تان اسرائيل جي سرزمين ڏانهن بنا پائليٽ وارا جهاز روانا ڪيا. رڳو ڪجهه ايراني ميزائل اسرائيل جي سرزمين تي ڪريا جنهن سبب فوجي اڏي ۽ اڏاوتن کي معمولي نقصان پهتو.

ان کانسواءِ ايراني حملن جي جواب ۾ آمريڪا ۽ اردن اسرائيل جي مدد ڪندي ايراني ڊرونز ڪيرائي ڇڏيا.

ٻئي پاسي يمن جي حوثين ۽ لبنان جي حزب الله طرفان به اسرائيل تي حملن جا اطلاع آهن.

ياد رهي ته پهرين اپريل تي اسرائيل جي دمشق ۾ ايراني قونصل خاني تي حملي کانپوءِ ايران اسرائيل تي جوابي حملي کان خبردار ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.