“پٽودي محل“جي ماليت بابت دنگ ڪري ڇڏيندڙ انگ اکر سامهون اچي ويا

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار، پٽودي خاندان جي نواب سيف علي خان جي شهرت جو ڪارڻ رڳو شوبز انڊسٽري ناهي پر سندس رئيسن جيان زندگي گذارڻ به آهي.

ڀارتي رپورٽس موجب سيف علي خان رڳو نالي ۾ نواب ناهي پر سندس رهڻي ڪهڻي به نوابن واري آهي. سيف علي خان پنهنجي زال اداڪارا ڪرينا ڪپور ۽ ٻن پٽن تيمور علي خان ۽ جهانگير علي خان سان گڏ پٽودي محل ۾ رهندو آهي جنهن جي ماليت 8 ارب ڀارتي رپيا (26 ارب ارب پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) آهي.

پٽودي محل کي ابراهيم ڪوٺي جي نالي سان به سڃاتو ويندو آهي، ان محل جو تعميراتي ڪم 1900 جي شروعاتي ڏهاڪي ۾ هرياڻه جي ضلعي گورا گائون ۾ ٿي هئي. پٽودي خاندان جي تاريخ ته 200 سال پراڻي آهي پر ان محل کي ٺهندي 88 سال ٿيا آهن، پٽودي محل نواب افتخار علي خان ٺهرايو هو، جنهن کان پوءِ هي محل  سندس پٽ منصور علي خان کي مليو هو ۽ ان کانپوءِ سيف علي خان جي ملڪيت ۾ آيو.

ڀارتي رپورٽس موجب پٽودي محل کي شاهاڻي محلن جيان ٺاهيو ويو آهي جنهن ۾ هن وقت تائين بالي ووڊ جي مختلف فلمن جي شوٽنگ به ٿي چڪي آهي. انهن فلمن ۾ تازي فلم ”اينيمل“ به شامل آهي.

ان محل ۾ 150 کان وڌيڪ ڪمرا آهن جن ۾ 7 ڊريسنگ رومز، 7 بيڊ رومز، 7 بليئرڊ رومز، سوئمنگ پول، فارمنگ ايريا، وڏا ميدان، گيراج ۽ گهوڙن جو اصطبل سان گڏ ڊائننگ رومز شامل آهن، 10 ايڪڙ تي اهو محل ٺهيل آهي.

100 کان مٿي ملازم هن محل جي حفاظت ۽ صاف صفائي جو ڪم ڪندا آهن. ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب اربين رپين جو هي محل سيف علي خان پنهنجي پٽ تيمور علي خان جي نالي ڪيو آهي، اهو محل تيمور علي خان جي وڏي ٿيڻ بعد کيس ورثي ۾ ملندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.