شرميلا فاروقي ۽ سائرا يوسف پاران انوکي انداز ۾ فلسطينين سان ٻڌيءَ جو اظهار

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ شرميلا فاروقي ۽ پاڪستان شوبز انڊسٽريءَ جي مشهور اداڪارا سائرا يوسف عيدالفطر جي موقعي تي مظلوم فلسطينن سان انوکي انداز ۾ ايڪي جو اظهار ڪيو .
سائرا يوسف انسٽاگرام جي اسٽوري تي پنهنجي هٿ جي هڪ تصوير شيئر ڪئي جيڪا وائرل ٿي وئي.
وائرل تصوير ۾ اداڪارا جي هٿ تي مهندي جي ڊيزائن ۾ ” فلسطين “ لکيل نظر اچي رهيو آهي.


اداڪارا اِها تصوير شيئر ڪندي ڪيپشن ۾ فلسطين جي جهنڊي واري ايموجي جو استعمال ڪيو ۽ لکيو ته سدائين فلسطيني عوام لاءِ دعاڳو رهنديس.
ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شرميلا فاروقيءَ به پنهنجي انسٽا اسٽوري ۽ مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي هڪ تصوير شيئر ڪئي آهي.


ان تصوير ۾ هوءَ پنهنجو هٿ ڏيکاريندي نظر اچي رهي آهي جنهن تي فلسطين جو جهنڊو ٺهيل آهي ۽ ان سان گڏ مهندي سان ” Free Palestine“ پڻ لکيل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.