پاڪستان خلاف سيريز کان اڳ نيوزيلينڊ کي وڏو جهٽڪو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ پاڪستان جي دوري تي روانگي کان اڳ وڏو جهٽڪو لڳي ويو، ڪيويز ٽيم جا ٻه اهم پليئر فِن ايلن ۽ ايڊم ملني پاڪستان خلاف سيريز مان ٻاهر ٿي ويا آهن.
نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ موجب، فن ايلن ۽ ايڊم ملني ٽريننگ دوران انجري جو شڪار ٿيا جنهن کانپوءِ ٻئي رانديگر پاڪستان خلاف سيريز لاءِ موجود نه هوندا.
نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ جو چوڻ اهي ته فلن ايلن چيلهه جڏهن ته ايڊم ملني کُڙي جي انجري جو شڪار ٿي ويو آهي، ٻنهي جي انجري کانپوءِ وڪيٽ ڪيپر بيٽر ٽام بلنڊل ۽ آل رائوندڙ زيڪ فائولڪس کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ موجب، زيڪ فائولڪس پهريون ڀيرو اسڪواڊ جو حصو بڻيو آهي جڏهن ته ٽام بلنڊل گذريل سال به پاڪستان جو دورو ڪيو هو.
واضح رهي ته نيوزيلينڊ جا نوَ ٽاپ ڪرڪيٽ پهريان ئي آءِ پي ايل سبب اسڪواڊ ۾ شامل نه آهن، ڪيوي ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ اڄ پاڪستان لاءِ روانو ٿيندي ۽ 14 اپريل جي صبح اسلام آباد پهچندي.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 18 اپريل تي پنڊي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.