وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر نئين سر اي سي سي جوڙي ڇڏي، صنعت ۽ پيداوار وارو وزير شامل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر اقتصادي رابطا ڪميٽي جوڙي ڇڏي.
وزيراعظم صنعت ۽ پيداوار واري وزير کي اي سي سي جو ميمبر مقرر ڪري ڇڏيو، سندس شموليت کانپوءِ اي سي سي ميمبرن جو انگ 6 مان وڌي 7 ٿي ويو آهي، جڏهن ته نئين سر جوڙجڪ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب ناڻي وارو وزير اقتصادي رابطا ڪميٽي جو چيئرمين برقرار رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.