منهنجي زندگي جي هڪ ئي ديشا آهي: ٽائيگر شروف

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار ٽائيگر شروف هڪ صحافي جي سوال جو مبهم جواب ڏيندي چيو آهي ته سندس زندگي ۾ هڪ ئي ”ديشا“ آهي.

اڄ ڪلهه ٽائيگر شروف پنهنجي نئين ايندڙ فلم ”بڙي ميان ڇوٽي ميان“ جي تشهيري مهم ۾ مصروف نظر اچي رهيو آهي جنهن جي دوران صحافي اداڪارن کان مختلف سوال ڪندا آهن. اهڙي ريت هڪ صحافي سندس ذاتي زندگي بابت سوال ڪيو جنهن تي اڪشي ڪمار پڻ ٽائيگر شروف کي چيو ته ٻڌايو وڃي ته سندس زندگي صحيح ديشا (رستي) ۾ وڃي رهي آهي.

سماجي رابطن جي ويبسائيٽس تي پڻ ٽائيگر شروف ۽ اداڪارا ديشا پٽاني جي وچ ۾ پيچ اب جون خبرون هلي رهيون آهن جڏهن ته غير واضح انداز ۾ صحافي جي سوال تي ٽائيگر شروف جواب ڏنو ته سندس زندگي جي هڪ ئي ديشا (رستو) آهي ۽ اهو سندس ڪم آهي.

واضح رهي ته فلم بڙي ميان ڇوٽي ميان 10 اپريل تي ريليز ٿي رهي آهي، فلم جي مرڪزي ڪردارن ۾ اڪشي ڪمار، ٽائيگر شروف کانسواءِ پرٿوي راج سڪومرن، سوناڪشي سنها، منوشي ڇلر، منيش چوڌري، عاليا فرنيچر والا ۽ روهت بوس راءِ شامل آهن.

جڏهن ته ٽائيگر شروف ۽ سندس اڳوڻي دوست اداڪارا ديشا پٽاني جا تعلق 2018 ۾ ريليز ٿيندڙ فلم باغي 2 جي شوٽنگ جي دوران شروع ٿيا جڏهن ته سندس رشتو گھڻو نه هلي سگهيو ۽ 2023 ۾ هنن جي بريڪ اپ جون خبرون عام ٿي ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.