ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايت تي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ پاران ڪارروايون ڪيون پيون وڃن.
عيد تي گهر ويندڙن کان واڌو ڪرايو اوڳاڙيندڙ 471 گاڏين خلاف ڪارروايون ڪيون ويون جنهن دوران مجموعي طور تي گاڏين ۾ سوار مسافرن کي 7 لک 44 هزار رپين کان وڌيڪ ڪرايو واپس ڪرايو ويو.
واڌو ڪرايو وٺندڙن خلاف هڪ لک 95 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو.
صدر، هاءِ وي ۽ ٻين جاين تي بس اڏن تي واڌو ڪرايو اوڳاڙيندڙن خلاف ڪارروايون ڪيون ويون.
Next Post
You might also like