وزيراعظم پاران هڪ ڀيرو ٻيهر اي سي سي جي نئين سر جوڙجڪ، صنعت ۽ واپار وارو وزير شامل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر اقتصادي رابطا ڪاميٽي جي نئين سر جوڙجڪ ڪري ڇڏي آهي.
ذريعن موجب، صنعت ۽ واپار واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين کي اي سي سي جو ميمبر بڻايو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته واپار واري وفاقي وزير جي شموليت کانپوءِ اي سي سي ميمبرن جو انگ 6 مان وڌي 7 ٿي ويو آهي.
ذريعن موجب، اقتصادي رابطا ڪاميٽي جو چيئرمين ناڻي وارو وزير رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.