غزا جنگ کي 6 مهينا مڪمل، 13 هزار ٻارن سميت 33 هزار فلسطيني شهيد

غزا ( م ڊ ) غزا  ۾ اسرائيلي جارحيت جا 6 مهينا مڪمل ٿي ويا،جنهن کي 21 صدي جي سڀ کان وڌيڪ تباهي واري جنگين مان هڪ قرار ڏنو ويو آهي، عرب ميڊيا موجب غزا جي جنگ 21 هين صدي جي سڀ کان وڌيڪ تباهي واري جنگ بڻجي چڪي آهي، ان جنگ جي نتيجي ۾ وڏي تعداد ۾ شهري شهيد ۽ زخمي ٿيا، جڏهن ته غزا جا 17 لک ماڻهو (70 سيڪڙو) مجموعي آبادي) کي بي گهر ڪيو ويو آهي، اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ غزا ۾ خوراڪ سميت بنياديضرورتن جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جڏهن ته بنيادي شهري ڍانچو پڻ تباهه ٿي ويو آهي.اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ غزا ۾ خوراڪ سميت بنيادي ضرورتن جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جڏهن ته بنيادي شهري ڍانچو پڻ تباهه ٿي ويو آهي.عرب ميڊيا موجب غزا تي اسرائيلي حملن ۾ هن وقت تائين 33 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ 13 هزار کان وڌيڪ ٻار به شامل آهن.هن جنگ جي نتيجي ۾ 1.1 ملين فلسطيني شهري خوراڪ جي عدم تحفظ کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته ٻن سالن کان گهٽ عمر جا 31 سيڪڙو ٻار سخت غذائي کوٽ جو شڪار آهن.اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ غزا جي 70 سيڪڙو آبادي بي گهر ٿي وئي آهي ۽ غزا ۾ 60 سيڪڙو رهائشي عمارتون انهن حملن ۾ تباهه ٿي ويون آهن. غزا ۾ جاري اسرائيلي جارحيت ۾ هن وقت تائين غزا جا 90 سيڪڙو اسڪول تباهه ٿي چڪا آهن جڏهن ته غزه جي 36 اسپتالن مان صرف 10 ڪم ڪري رهيا آهن. اسرائيلي حملن ۾ 227 مسجدون شهيد ۽ 3 گرجا گهر تباهه ٿي ويا آهن، غزا ۾ اڌ کان وڌيڪ عمارتون اسرائيلي فوج جي حملن ۾ تباهه ٿي ويون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.