آخري تاريخ 18 اپريل: نارين لاءِ مفت بهترين ڪورسز جا موقعا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) علي ڳڙهه انسٽيٽوٽ آف ٽيڪنالاجي ۾ نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن جي سهڪار سان عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪورسز ڪرايا پيا وڃن.

اهي ڪورسز جديد دور جي گهرن پٽاندڙ آهن. NAVTTC ان کان اڳ به مختلف شهرن ۾ قائم تعليمي ادارن ۾ اهي ڪورسز فراهم ڪندو آيو آهي.

علي ڳڙهه انسٽيٽوٽ آف ٽيڪنالاجي جي اها ڪوشش عورتن ۽ شاگردياڻين لاءِ ڪارائتتي ثابت ٿيندي.

اداري ۾ تعليم هيٺ شاگردن کانسواءِ ٻيون عورتون به ان ۾ رجسٽريشن ڪرائي ان جو حصو بڻجي سگهن ٿيون ۽ انهن ڪورسز مان فائدو وٺي پاڻ کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪوشش ڪري سگهن ٿيون.

انهن ڪورسز ۾ آن لائن رجسٽريشن لاءِ https://nsis.navttc.gov.pk تي اپلاءِ ڪري سگهجي ٿو.

ڊائريڪٽر انفارميشن عبدلحامد دڪني موجب رجسٽريشن جي آخري تاريخ 18 اپريل 2024 آهي. ڪلاسز جي شروعات پهري مئي 2024 کان ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.