عامر جي ٽيم ۾ واپسي ٻين فاسٽ بالرن لاءِ خطري جي گهنٽي قرار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي فاسٽ بالر محمد آصف چيو آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ عامر جي واپسي سان ٽن فاسٽ بالرن لاءِ خطري جي گهنٽي وڄي چڪي آهي.
محمد آصف موجب آمريڪا جي هر رياست ۾ موسم بلڪل تبديل ٿي ويندي آهي، اتي پاڪستان ٽيم هڪ ميچ ۾ ٽن فاسٽ بالرن سان ميدان ۾ لهي سگهي ٿي، جنهن جو ان کي فائدو ٿيندو.
هن چيو ته پاڪستان ٽيم ۾ ٻه فاسٽ بالر اهڙا آهن، جيڪي ورلڊ ڪپ دوران پليئنگ اليون جو حصو هوندا، محمد عامر ۽ نسيم شاهه مستقل طور ٽيم جو حصو آهن.
هن چيو ته شاهين آفريدي کان ڪپتاني واپس وٺڻ کانپوءِ معاملا صحيح نه پيا هلن، جڏهن ته ان جي فارم به متاثر ڪندڙ ناهي، ٿي سگهي ٿو ته کيس سائيڊ لائن ڪيو وڃي، ٽئين فاسٽ بالر لاءِ شاهين، حارث رئوف ۽ محمد وسيم جونيئر ۾ مقابلو هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.