اسرائيل جي غير مشروط حمايت نٿا ڪريون: برطانيا

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ڪيمرون چيو آهي ته اسرائيل جي غير مشروط حمايت نٿا ڪيون.
ڊيوڊ ڪيمرون هڪ اخباري ڪالم ۾ لکيو ته اسرائيل لاءِ برطانيا جي حمايت جو دارومدار ان جي عالمي انساني قانونن جي پاسداري تي آهي.
اڳوڻي وزيراعظم جا اها ريمارڪس غزا ۾ اسرائيلي فضائي حملي ۾ ٽن برطانوين سميت 7 امدادي ڪارڪن مارجڻ کانپوءِ سامهون آيا آهن.
ڪيمرون سنڊي ٽائمز ۾ لکيو ته اسان جي حمايت غير مشروط ناهي، اسان اميد ڪيون ٿا ته اهڙي ڪامياب جمهوريت عالمي انساني قانون جي پاسداري ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.