معاهدي جي ڀڃڪڙي، عثمان خان تي پنج سال ڪرڪيٽ کيڏڻ پابندي

ابوظهبي ( ويب ڊيسڪ ) اماراتي ڪرڪيٽ بورڊ ( اي سي بي) ماهدي جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ٽاپ آرڊر بيٽر عثمان خان تي پنج سال پابندي مڙهي ڇڏي آهي.
گڏيل عرب رياستن جي ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عثمان خان اي سي بي سان غلط بياني ڪئي ۽ سهولتن جو فائدو ورتو، هو يو اَي ايِ طرفان کيڏڻ جو پابند هو پر هن معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.
اي سي بي عثمان خان کي ساليانو ڪانٽريڪٽ به ڏنو جڏهن ته هن تازو ئي انٽرنيشنل ٽي ٽوئنٽي ليگ ۾ يو اي اي جي مقامي پليئر طور حصو ورتو هو.
اماراتي ڪرڪيٽ بورڊ موجب، عثمان خان معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ هاڻي هو يو اي اي بورڊ تحت ٿيندڙ ڪنهن به ايونٽ ۾ پنجن ورهين تائين شرڪت نه ڪري سگهندو.
ياد رهي ته عثمان خان پرڏيهي ڪرڪيٽ طور پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز ملتان سلطانز جي نمائندگي ڪئي هئي جنهن کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ عثمان خان کي پاڪستان ٽيم جي ڪئمپ ۾ شامل ڪيو هو.
پاڪستان ڪئمپ ۾ شامل ٿيڻ بعد عثمان خان يو اي اي بورڊ کي معاهدو ختم ڪرڻ جو نوٽيس موڪليو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.