هلندڙ سال جي پهرين مڪمل سج گرهڻ ڪڏهن ٿيندي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال جي پهرين مڪمل سج گرهڻ 8 ۽ 9 اپريل جي وچين رات ٿيندي.
موسميات کاتي موجب سج گرهڻ پاڪستان ۾ نه ڏسي سگهبي، سج گرهڻ پاڪستاني وقت موجب 8 اپريل جي رات 8 لڳي 42 منٽن تي شروع ٿيندي، رات 11 لڳي 17 منٽن تي عروج تي هوندي، جڏهن ته ان جي پڄاڻي 9 اپريل جي رات هڪ لڳي 52 منٽن تي ٿيندي.
سج گرهڻ اولهه يورپ، اتر ۽ ڏکڻ آمريڪا ۾ ڏسي سگهبي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.