هاردِڪ پانڊيا خلاف اسٽيڊيم کان سوشل ميڊيا تائين باهه ٻريل

ڪرڪيٽ جو ميدان هجي يا ڪا ٻي راند، رانديگرن وچ ۾ ڏند چڪ راند جو حصو آهي، ٻيو ته ٺهيو ميدان ۾ موجود تماشائي به پنهنجي ٽيم جي رانديگرن جي حمايت ۾ بائونڊري جي پٺيان مخالف ٽيم جي رانديگرن کي گهٽ وڌ ڳالهائيندا رهندا آهن.
ڀارت جي ڪرڪيٽ ميدانن ۾ ته اِها ڳالهه گهڻو اڳتي نڪري ويندي آهي، تماشائين طرفان گرائونڊ ۾ پاڻي جون بوتلون اُڇلائڻ وارو واقعو هجي يا پاڪستاني ڪپتان انضمام الحق کي پريشان ڪرڻ لاءِ هزارين ماڻهن جي ڇيڙڇاڙ، ڪرڪيٽ شوقينن کي گهڻو ڪجهه ياد آهي.
پر هن دفعي مداح آءِ پي ايل جي فرنچائز ممبئي انڊينز جي نئين ڪپتان ۽ اسٽار آل رائوندڙ هاردِڪ پانڊيا جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، گذريل ٻن هفتن کان کيس ملڪ جي تماشائين سان ڀريل اسٽيڊيمز ۾ سخت ٽرول ڪيو پيو وڃي.
ممبئي انڊينز جي ڪپتان هاردِڪ پانڊيا کي احمد آباد، حيدرآباد ۽ ايستائين پنهنجي هوم گرائونڊ ممبئي ۾ مقابلن دوران ٽرولنگ جو منهن ڏسڻو پيو.
هاردِڪ 23 مارچ 2024ع کان شروع ٿيندڙ آءِ پي ايل ۾ ممبئي انڊينز جي ڪپتان روهت شرما جي جاءِ سنڀالي ورتي آهي،ان کان اڳ پانڊيا گجرات ٽائٽنز لاءِ کيڏي رهيو هو، جڏهن ته ان کان پهرين هو ممبئي انڊينز جو ئي حصو هو.
پانڊيا ان کان اڳ روهت شرما جي قيادت ۾ ممبئي انڊينز جي ٽيم کيڏي رهيو، 2021ع تائين هاردڪ آءِ پي ايل جا ست سيزن ممبئي انڊينز ۾ گذاريا، جڏهن هاردڪ کي روهت جي جاءِ تي ممبئي جي ڪپتاني ملي ته ڪيئي ماڻهو دنگ رهجي ويا هئا ڇو ته ماضي ۾ سچن ٽنڊولڪر ۽ رڪي پونٽگ جهڙا تجربيڪار رانديگر ممبئي جي ڪپتاني ڪري چڪا هئا.
ممبئي انڊينز جي ڪجهه سپورٽرن جو خيال آهي روهت ڪپتاني ڇڏي ناهي پر کيس ڪپتاني تان هٽايو ويو آهي، انڪري هو پانڊيا خلاف پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيا آهن.
سومر ڏينهن ممبئي جي وانکيڙي اسٽيڊيم ۾ راجسٿان رائلز خلاف ميچ ۾ ٽاس دوران به تماشائين پانڊيا خلاف نعريبازي ڪئي جنهن سبب ڪامينٽيٽر سنجي منجريڪر کي اسٽيڊيم ۾ موجود تماشائين کي ماڻهپي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي.
ان کانسواءِ ڀارتي اسپنر ۽ آءِ پي ايل ۾ راجسٿان رائلز جي نمائندگي ڪندڙ روي چندرن ايشون پڻ پنهنجي بيان ۾ پانڊيا جي حمايت ڪندي تماشائين جي رويي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
روي ايشون پنهنجي يوٽيوب چئنل تي چيو ته ماڻهن کي اِهو ياد رکڻ گهرجي ته اِهو رانديگر ڪهڙي ملڪ جي نمائندگي ڪري رهيو آهي، پسند ناپسند جي بنياد تي حدون نه اورانگهڻ گهرجن.
هن چيو ته سارو گنگولي ۽ سچن ٽنڊولڪر هڪ ٻئي جي ڪپتاني ۾ ڪرڪيٽ کيڏي، هي ٻئي راهول ڊريوڊ جي قيادت ۾ کيڏيا ۽ ٽنهي رانديگرن جو ڪپتان انيل ڪمبلي به رهيو ۽ اِهي سڀ مهيندر سنگهه ڌوني جي قيادت ۾ کيڏيا، جڏهن ڌوني ڪپتان هو ته هو سڀ تجربيڪار ڪرڪيٽر هئا ۽ ڌوني به ويرات ڪوهلي جي ڪپتاني ۾ کيڏي چڪو آهي.
ٻئي پاسي صحافين ممبئي انڊينز جي هيڊ ڪوچ مارڪ بائوچر کان آءِ پي ايل 2024ع ۾ روهت شرما جي جاءِ تي پانڊيا کي ڪپتان بڻائڻ بابت سوال ڪيا ته هن خاموشي اختيار ڪئي.
هاڻي وقت ئي ٻڌائيندو ته ڪرڪيٽ شوقين ڪڏهن پانڊيا کي دل سان قبول ڪندا ۽ سپورٽ ڪندا، جيڪڏهن هو سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري ممبئيءَ جي ڪاميابين ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو ته اميد آهي ته تماشائي به کيس پنهنجو ڪرڻ ۾ دير نه ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.