”لغڙن جي ڏور خيبر پختونخواهه مان ٺهي پنجاب اچي رهي آهي“

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي اسان کي خبر پئي آهي ته لغڙن جي ڏور خيبر پختونخواهه مان ٺهي پنجاب اچي رهي آهي، پنجاب ۾ داخل ٽرڪن جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ لاءِ مڪينزم هجڻ گهرجي، ائين نٿو ٿي سگهي ته بارڊر تي چيڪ پوسٽ ٺاهي ڇڏيو ۽ باقي رستو کليل هجي.
ايپڪس ڪميٽي جي پهرئين اجلاس کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين، ڳجهن ادارن جي واکاڻ ڪيون ٿا، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ شهيدن جون قربانيون فخر جوڳيون آهن.
هن چيو ته دهشتگردن وٽ جديد هٿيار آهن، افغانستان ذريعي به دهشتگردن کي جديد هٿيارن جي پهچ آهي، افغانستان مان ايندڙ هٿيار وڏو چئلينج آهن، جڏهن ته مذهبي شدت پسندي به آهي.
سندس چوڻ هو ته دهشتگرد به ڊجيٽلائيز ٿي چڪا آهن ۽ ضروري آهي ته اسان انهن کان اڳتي رهون، سياسي فاشزم سبب ملڪ ۾ عدم استحڪام آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.