ويوو جو وي ٿري لائيٽ متعارف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سمارٽ فون ٺاهڻ واري چيني ڪمپني ويوو ويسيريز جو نئون فون وي ٿري لائيٽ متعارف ٿي ويو آهي، جنهن کي فيچرز ۽ اگهه بابت معياري فون قرار ڏنو پيو وڃي.

رپورٽس موجب ويوو وي ٿري لائيٽ 6-67 ابچ اسڪرين ۽ سنيپ ڊريگن 685 جي چپ سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي. اينڊرائيڊ 14 جي آپريٽنگ سسٽم ۾ پيش ٿيندڙ ان فون جي بيڪ تي ٻه جڏهن ته فرنٽ تي هڪ سيلفي ڪيمرا ڏنو ويو آهي. بيڪ ڪيمرا 50 ميگا پڪسل جو آهي جڏهن ته ٻيو 2 ميگا پڪسل جو آهي، اهڙي ريت فرنٽ 8 ميگا پڪسل جو آهي..

فون ۾ 5هزار ايم اي ايچ جي بيٽري آحي، جڏهن ته ان ۾ 80 واٽ جو فاسٽ چارجر ڏنل آهي ۽ ڪمپني جي دعويٰ آهي ته رڳو 30 منٽ ۾ 80 سيڪڙو بيٽري چارج ٿي سگهندي. ويوو ٿري لائيٽ کي 4 جي بي ريم ۽ 256 جي بي ميموري سان گڏ متعارف ڪيو ويو آهي ۽ ان کي شروعاتي دور ۾ محدود ملڪن ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو آهي.

پاڪستان ۾ فون جو ملهه 75 هزار رپيا آهي جڏهن ته امڪان آهي ته پاڪستان ۾ پيش ڪندي وقت وڌيڪ سستو ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.