سون جو اگهه گهٽجي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ لاٿ سامهون آئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 900 رپيا لاٿ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 40 هزار 200 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 772 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 5 هزار 932 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 5 ڊالر گهٽجڻ سان 2306 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.