”پاڪستان ۾ سڀ اسٽار آهن، بابر اعظم به اسٽار آهي“

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ هيڊ ڪوچ مصباح الحق چيو آهي ته قومي ٽيم ۾ ڪپتان جي تبديلي جو انداز ڏاڍو اڻوڻندڙ هوندو آهي جنهن جو رانديگر تي اثر پوندو آهي.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي ڪپتان چيو ته جهڙي طرح ڪپتان تبديل ڪيو ويو اِهو پهريان به غلط هو ۽ هاڻي به غلط آهي، اسان وٽ ڪپتان جي تبديلي اڻوڻندڙ طريقي سان ٿيندي آهي جنهن جو اثر رانديگر تي پوندو آهي.
هن چيو ته اسان وٽ سڀ اسٽار پليئر آهن، بابر اعظم به اسٽار آهي ۽ شاهين آفريدي به اسٽار آهي، اسان جون نيڪ خواهشون ٽيم سان گڏ آهن.
ڪوچ جي چونڊ واري معاملي تي مصباح الحق چيو ته ڪوچ ملڪي هجي يا پرڏيهي پهريان اِهو ڏسو ته ٽيم کي ڪنهن جي ضرورت آهي ڪوچ بابت به سوچي سمجهي فيصلو ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.