ڪنڌڪوٽ: ڪچي ۾ پوليس ۽ رينجرز جي آپريشن ۾ به مغوي آزاد

ڪنڌڪوٽ (ويب ڊيسڪ) پوليس ۽ رينجرز جي آپريشن ۾ ڪچي جي علائقي مان ٻه مغوي آزاد ڪرايا ويا.
ايس ايس پي موجب ڪنڌڪوٽ ۾ ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف پوليس ۽ رينجرز گڏيل آپريشن ڪيو، 24 ڪلاڪن کان جاري مقابلي ۾ ٻن مغوين کي آزاد ڪرايو ويو، جڏهن ته پوليس جي فائرنگ ۾ ٻه ڌاڙيل زخمي به ٿيا، آپريشن دوران 10 سهولتڪارن ۽ شڪين کي حراست ۾ به ورتو ويو.
پوليس اختيارين ٻڌايو ته آپريشن ۾ اهلڪارن جو انگ وڌايو ويو آهي ۽ ٻين مغوين جي آزادي لاءِ ڪوششون جاري آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.