سنڌ ۾ گرميءَ جي شدت ۾ واڌ جي اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سنڌ ۾ گرمي وڌڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 7 کان 9 اپريل دوران سنڌ جي ڪيترن ئي حصن ۾ موسم گرم رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب سنڌ جي مٿين ۽ وچولن علائقن ۾ ڏينهن جو گرمي پد 38 کان 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو، جڏهن ته هيٺين علائقن ۾ 36 کان 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.