وي لاگر جو نالو اي سي ايل مان نه ڪڍڻ تي گهرو سيڪريٽري جا گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وي لاگر جو نالو اي سي ايل مان نه ڪڍڻ تي گهرو سيڪريٽري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وي لاگر جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي درخواست تي گهرو سيڪريٽري کان رپورٽ طلب ڪئي هئي.
عدالتي حڪمن باوجود وي لاگر جو نالو اي سي ايل مان نه ڪڍڻ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي گهرو سيڪريٽري کان هڪ ڪلاڪ ۾ رپورٽ طلب ڪئي هئي.
جسٽس سردار اعجاز اسحاق پڇيو هو ته گهرو سيڪريٽري سبب ٻڌائي ته وي لاگر جو نالو اي سي مان ڇو نه ڪڍيو ويو؟ جيڪڏهن مطمئن ڪندڙ جواب نه مليو ته اڄ ئي توهين عدالت جي ڪارروائي ٿيندي.
عدالتي حڪمن باوجود رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گهرو سيڪريٽري جا ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.