ڪارڪردگي ڏيکار يا ٽپڙ گول ڪر! پي سي بي جي فخرزمان کي وارننگ

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) قومي سليڪٽرن اوپننگ بيٽر فخر زمان جي مستقبل بابت فيصلو ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب، ڪاڪول ۾ جاري ٽريننگ ڪئمپ ۾ سليڪٽرن فخر زمان سان ملاقات ڪئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سليڪٽرن فخر زمان کي واضح طور تي ٻڌايو ته نيوزيلينڊ جي سيريز ۾ جيڪڏهن هو ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهيو ته انگلينڊ جي سيريز هن جي پاڪستان لاءِ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ آخري سيريز هوندي.
ٻئي پاسي نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ قومي سليڪشن ڪميٽي جو مشاورتي عمل مڪمل نه ٿي سگهيو آهي.
نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي امڪاني رانديگرن جي فٽنس ڪئمپ ڪاڪول ۾ جاري آهي جتي سليڪٽرن قومي وائيٽ بال ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم سان به مشاورت ڪئي آهي.
ڪاڪول اڪيڊمي ۾ شروعاتي مشاورت کانپوءِ سليڪٽر لاهور واپس اچي چڪا آهن ۽ اسڪواڊ جي اعلان لاءِ مشاورتي عمل جاري آهي.
ذريعن موجب، ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ پاڪستان اسڪواڊ جو اعلان اٺ اپريل تي متوقع آهي جڏهن ته ان کان اڳ حتمي اجلاس ست اپريل تي ٿيڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.