لاهور ( ويب ڊيسڪ ) عاليا رشيد پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ڊائريڪٽر ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب، سميع برني کي ٻيهر ڊائريڪٽر ميڊيا مقرر ڪيو ويو آهي، سميع برني کي عاليا رشيد کي استعيفيٰ کانپوءِ ذميواري ڏني وئي آهي.
سميع برني ان کان اڳ به پي سي بي جو ميڊيا ڊائريڪٽر رهي چڪو آهي.
ياد رهي ته گذريل سال آڪٽوبر ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سينيئر اسپورٽس جرنلسٽ عاليا رشيد کي ميڊيا ڊائريڪٽر ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن مقرر ڪيو هو.
عاليا رشيد پي سي بي ۾ ميڊيا هيڊ طور ڪم ڪندڙ پهرين عورت ڊائريڪٽر هئي، هوءَ عهدي تان استعيفيٰ ڏيندڙ ٽئين ڊائريڪٽر آهي، ان کان اڳ ڪمرشل ۽ ليگ ڊائريڪٽر به پنهنجي عهدن تان استعيفيٰ ڏئي چڪا آهن.
Prev Post
Next Post
You might also like