گم ٿيل فون ڳولڻ جو طريقو ڄاڻيو

گوگل جي نئين فيچر سان هاڻي گم ٿيل فون کي انٽرنيٽ جي استعمال کانسواءِ ڳولڻ ممڪن ٿي ويو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽس موجب گوگل پاران فائينڊ ماءِ ڊيوائس کي پهريون کان وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي جيئن ان سان آف لائين ٿيڻ تي به ڊيوائيس کي ٽريڪ ڪري سگهجي. ان فيچر تي گوگل پاران وڏي وقت کان ڪم جاري هو هاڻي ڪمپني پاران ان کي متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي.

واضح رهي ته فائينڊ ماءِ ڊيوائيس فيچر وڏي وقت کان واهپيدارن کي ايپ ۽ ويب ورزن ۾ دستياب هو. ان فيچر سان فون کي لاڪ به ڪري سگهجي ٿو ۽ ان مان سمورو ڊيٽا ڊيليٽ ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته گم ٿيل ڊيوائيس کي ڳولڻ لاءِ فون ۾ انٽرنيٽ ڪنيڪشن جي ضرورت هوندي آهي پر هاڻي آف لائين ٽريڪنگ سان فائينڊ ماءِ ڊيوائيس جي ان ڪمزوري کي ختم ڪيو ويو آهي.

رپورٽ موجب ڪجهه واهپيدارن کي گوگل پاران ڪجهه اينڊرائيڊ واهيپدارن کي اي ميل موڪليو ويندو آهي ته فائينڊ ماءِ ڊيوائيس نيٽ ورڪ تي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ متعارف ڪيو ويندو.

ان فيچر سان هاڻي آف لائين ڊيوائيس کي به ٽريڪ ڪري سگهجي ٿو. آف لائين فون جي ڳولا لاءِ گوگل پاران سڄي دنيا ۾ موجود اينڊرائيڊ ڊيوائيسز جي سهائتا ورتي ويندي. اها آف لائين ٽريڪنگ فون جي بليو ٽوٿ beacon سگنل کي متحرڪ رکي ٿيندي ۽ فون بند هجڻ جي صورت ۾ به جاري رهندي.

گوگل پاران ان فيچر ۾ دير ايپل جي ڪراس پليٽ فارم ٽريڪنگ جا تفصيل طئي نه ٿيڻ سبب ٿي.

ايپل جي نئين آءِ او ايس 17.5 جي بيٽا ورزن ۾ ايپل جي پنهنجي فائينڊ ماءِ نيٽ ورڪ فيچر ۾ اڻڄاڻايل ٽريڪرز الرٽس جي واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ گوگل به فائينڊ ماءِ ڊيوائيس کي متعارف ڪرائڻ لاءِ تيار ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.