فلسطين جي حمايت تي قتل جون ڌمڪيون ملن ٿيون: بيلا حديد

لاس اينجلس(ويب ڊيسڪ) فلسطين ڄائي آمريڪي ماڊل بيلا حديد ۽ سندس خاندان کي غزه ۾ اسرائيلي جارحيت خلاف مسلسل آواز اٿارڻ تي هڪ ڀيرو ٻيهر قتل جون ڌمڪيون ملڻ لڳيون آهن.

پرڏيهي رپورٽس موجب بيلا حديد اسرائيلي وزير کي فلسطين مخالف بيانيي ڏيڻ تي سوشل ميڊيا تي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. هن پنهنجي اسنٽا اسٽوري تي فلسطين جي وجود جي انڪار تي اسرائيلي وزير کي پنهنجي پيءُ جو پاسپورٽ چيڪ ڪرڻ لاءِ چيو.

واضح رهي ته پهريون ڀيرو نه پر اڳ به بيلا حديد ۽ سندس ڀيڻ جيجي حديد فلسطين ۾ اسرائيل جي ڏاڍ ۽ ظلم تي مسلسل آواز اٿارينديون رهنديون آهن. جڏهن ته هاڻي کيس سندس خاندان سميت قتل جون ڌمڪيون ملڻ شروع ٿيون آهن.

هن تازو انٽرويو ۾ ٻڌايو ته کيس فلسطيني هجڻ تي ۽ خاندان پاران ڏاڍ خلاف کليل مخالفت تي قل جون ڌمڪيون ملن ٿيون. پر هن عزم ڪيو آهي ته هو خوفزده ٿي خاموش نه وهنديون.

هن وڌيڪ چيو ته هوءَ اڄ به ان مقصد کان پٺتي ٿيڻ واري ناهي، هوءَ مظلوم فلسطينين سان گڏ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.