”الله بابر کي وري ڪپتان بڻايو، خدا جي فيصلن آڏو سر جهڪايون ٿا“

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي پيءُ اعظم خان چيو آهي ته بابر ڪپتاني ڇڏڻ ۽ واپس وٺڻ وقت کائنس اجازت ورتي هئي.
انسٽاگرام تي بابراعظم جي تصوير پوسٽ ڪندي اعظم خان لکيو ته الله ئي بهترين حسب نسب ڏيڻ وارو ۽ اُهو ئي ان جي حفاظت ڪرڻ وارو آهي، خدا جي فيصلن آڏو سر جهڪايون ٿا.
هن چيو ته الله جيستائين چاهيو بابر ڪپتان رهيو وري هٽايو ويو ۽ هاڻي وري بابر کي ڪپتان بڻايو ويو آهي جنهن لاءِ ذريعو الله جي مخلوق بڻي.
اعظم خان پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته بابر کان ڪپتاني کسجڻ واري عرصي دوران هڪ لفظ به نه ڳالهايو نه شڪايت ڪئي.
هن انڪشاف ڪيو ته بابر اعظم ڪپتاني ڇڏڻ وقت ۽ وري واپس وٺڻ وقت کائنس اجازت ورتي هئي ڇو ته فرمانبردار پٽ ئي ائين ڪندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.