ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اداڪار عدنان صديقي عورت جي ڀيٽ مکين سان ڪندي چيو آهي ته جيئن توهان عورتن جي پويان ڀڄڻ ڇڏي ڏنو ته هو مک جيان توهان جي هٿ تي ويهي رهنديون.
خانگي ٽي وي جي هڪ انٽرويو ۾ عدنان صديقي عورتن لاءِ مک جو مثال ڏنو آهي، اداڪار پنهنجي ڳالهه چوڻ کان اڳ عورتن کان معزرت ڪئي آهي ته هو جيڪا ڳالهه ڪرڻ لڳو آهي ان جو عورتن کي خراب نه لڳي.
اداڪار چيو ته عورتن ۽ مکين جو مثال هڪ جهڙو آهي، توهان جيترو عورتن پويان ڀڄندا ايترو هو توهان کان پري ڀڄنديون، جيئن توهان ويهي رهندا ته هو مک وانگر توهان جي هٿ تي ويهي رهنديون.
اداڪار عدنان چيو ته جڏهن هو مک پٺيان ڀڄي پيو ته مک ڀڄي پئي جڏهن ويهي رهيو ته مک اچي نڪ تي ويٺي.