سنڌ سرڪار جو پينشن رڪارڊ کي مڪمل ڊجيٽلائيز ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سنڌ سرڪار پينشن رڪارڊ کي مڪمل ڊجيٽلائيز ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي .
چيف سيڪريٽري جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ پينشن کي مڪمل ڊجيٽلائيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي .
چيف سيڪريٽري ريٽائرڊ آفيسرن جي استعمال هيٺ سرڪاري گاڏين جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن .
ڊپٽي ڪمشنرز کي سرڪاري زمينن تان حددخلتون هٽائڻ جي هدايت ڪيون ويون آهن.
اجلاس ۾سيڪريٽريز ڪاميٽي جي اجلاس ۾ پلاننگ بورڊ، اينٽي ڪرپشن چيئرمين سميت سمورا سيڪريٽري شريڪ ٿيا .
اجلاس ۾ اينٽي ڪرپشن ڪيسن، ترقياتي منصوبن، ملازمن جي پينشن ۽ پروموشن تي غور ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.